گورنر جي ڀائيٽي کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، سرڪاري اسپتالن ۾ گهمندو رهيو ويڪسين نه مليس

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي 14 ورهين جي ڀائيٽي کي ڪتي ڏاڙهي وڌو پر کيس ويڪسين نه مليس، ذريعن موجب سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ڀاءُ عدنان اسماعيل جي 14 ورهين جي پٽ کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، ڪتي چڪڻ جو واقعو ڊفينس ۾ عدنان اسماعيل جي گهر تي پيش آيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته عدنان اسماعيل سرڪاري اسپتالن ۾ گهمندو رهيو پر کيس ڪتي جي چڪڻ جي ويڪسين نه ملي

عدنان اسماعيل جو چوڻ آهي ته پٽ کي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪيسن لڳرائي، سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جي ويڪسين نه ملي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔