پي ٽي آءِ جي چوري پڪڙجي چڪي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد؛ مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي چهرن تان ايمانداري جو ميڪ اپ ڌوئي ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان سڄي ملڪ ۾ شفافيت جو چيمپئن بڻجي ٿو پر پرڏيهي فنڊنگ ڪيس حيلا بهانا ڪندو آهي

سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي چوري پڪڙجي چڪي آهي، پي ٽي آءِ ڇا لڪائڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان پنهنجي منهن تي جيڪو ايمانداري جو ميڪ اپ سجايو هو اهو پرڏيهي فنڊنگ ڌوئي ڇڏيو

احسن اقبال جو چوڻ آهي ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس روڪڻ لاءِ بهانا ڳولي رهيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻين تي مٽي اڇلائي رهي آهي

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ مسلم ليگ ن جي ڪرپشن جو ڪو به ثبوت جمع نه ڪرايو آهي، ن ليگ جي ممنوع فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي رهي آهي، هي ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي چوري بچائڻ چاهين ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔