مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي هڪ وڌيڪ مبينا آڊيو ليڪ، صحافين تي الزام

اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي هڪ ٻي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سينيئر صحافي حسن نثار ۽ ارشاد ڀٽي تي الزام هنيا ويا آهن ۽ سينيئر تجزيي گارن خلاف به غلط لفظ استعمال ڪيا ويا

مبينا آڊيو ۾ مريم نواز پرويز رشيد کي جيو گروپ کي هدايتون ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، پرويز رشيد چئي رهيو آهي ته توهان کي خبر آهي ته اسڪور ڪارڊ ۾ حسن نثار صاحب اسان کي گاريون ڏيندو، ارشاد ڀٽي کي به ايڊ ڪري ڇڏيو آهي، اهو به توهان کي خبر آهي ته اهو گهٽيا ڳالهيون ڪندو آهي

پرويز رشيد چوي ٿو ته مظهر عباس جي تقرير به اسان جي خلاف هوندي آهي، طنز به هوندي ۽ مذاق به، باقي ٻيو ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي اسان جو ترجمان چئي سگهجي، ستار بابر آزاد راءِ رکي ٿو، ان تي مريم چوي ٿي ته ستار بابر به عام طور تي اسان جي حق ۾ ناهي

ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حفيظ الله نيازي اسان جو موقف نٿو ڏي، جهڙي طرح هي گاريون ڏيئي ٿو هو عمران خان سان به اهڙو ئي سلوڪ ڪري ٿو، حفيظ الله نيازي کي هٽائي ڇڏيو، هن جا ڪالم به بند ڪيا ويا آهن، هي وڏي زيادتي ۽ نا انصافي آهي

مبينا آڊيو ۾ مريم نواز چوي ٿي ته انڪل مان توهان کان پڇندي ته پهريان ٻڌايو هٽايو ڇو اٿو؟ جنهن تي پرويز رشيد چوي ٿو ته درخواست آهي ته هن سان به ڳالهايان ۽ مير شڪيل سان به ڳالهايون

مريم نواز ليگي اڳواڻ کي چوي ٿي ته پهريان مان هن کان اندر جي خبر ته پڇان، ته پرويز رشيد چوي ٿو ته ايترو بيلنس پروگرام هوندو، عمران خان جي مٿان جيڪو چيڪ هو ختم ڪيو ويو، اسان جي مٿان ڀونڪڻ وارن کي ويهاريو ويو آهي

مبينا آڊيو ۾ مريم نواز طرفان ٻن صحافين کي ٽوڪريون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته والد آذربائيجان مان ٻه ٽوڪريون کڻي آيو آهي، هڪ نصرت جاويد ۽ هڪ رانا جواد کي ڏيڻي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔