اسلام آباد: راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب لئي نالو پاڻي سان ڀرجي ويو. ڪٽارين جي هنڌ تي پاڻي جي سطح 22 فٽ کان وڌي وئي جڏهن ته لئي نالي جي چوڌاري خطري جا سائرن وڄايا ويا ۽ ريسڪيو کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.
لئي نالي جي چوڌاري آبادي کي لڏ پلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته صادق آباد، ڍوڪ الاهي بخش ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي وڃڻ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.
انهي کان علاوه مري روڊ، راول روڊ ۾ به پاڻي روڊن تي جمع آهي، گولڙه ۾ سڀني کان وڌيڪ 113 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
ٻئي طرف والاريل جمون ۽ مٿانهين علائقن ۾ ٿيل تيز برسات سبب شڪر ڳڙهه جي نالي بٽين ۾ ٻوڏ صورتحال آهي، ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ ۽ گڊو بيراج تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٻين دريائن ۾ صورتحال معمول تي آهي.
تبصرے بند ہیں۔