ڪراچي: وفاقي حڪومت ۽ گڊز ٽرانسپورٽرز جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور به ناڪام ٿي ويو جنهن سبب گڊز ٽرانپورٽرز جي هڙتال پنجين ڏينهن به جاري آهي.
صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ملڪ شهزاد اعواڻ پنهنجي بيان ۾ واضح چيو آهي ته اسان جي هڙتال پرامن آهي، جيڪا اسان جي جائز مطالبن تي ٻڌل آهي، مطالبن جي منظوري تائين اڻڄاتل مدي تائين هڙتال جاري رهندي.
ملڪ شهزاد اعواڻ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم طرفان ٺاهيل وفاقي وزير مواصلات جي سربراهي ۾ ڪميٽي سان ٿيل اسان جون ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن.
هن چيو ته حڪومت جيڪڏهن اهو سمجهي ٿي ته ڊسمبر جيان اسان هڙتال کي ختم ڪري ڇڏينداسين ته ائين هاڻ نه ٿيندو، مطالبن جي مڪمل منظوري جيستائين لکت ۾ نه ٿيندي تيستائين هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو ويندو.
ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي. هڙتال کي 5 ڏينهن گذري ويا آهن هڙتال سبب اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پر حڪومت جائز مطالبن کي مڃڻ جي لاءِ سنجيده نه پئي لڳي.
صدر آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد واضح ڪيو ته مطالبن جي منظوري لاءِ جيڪڏهن 6 مهينا به لڳا ته هڙتلا جو سلسلو جاري رهندو. ياد رهي ته ڳالهين جي پهرين دور جي دوران وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان ٽرانسپوٽرز جي مطالبن کي جائز قرار ڏيندي انهي تي اڳڀرائي جو يقين ڏياريو هو.
تبصرے بند ہیں۔