سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ڌيءَ کي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ 3 سالن لاءِ پروفيسر مقرر ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڌيءَ ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه کي رٽائر ٿيڻ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ صوبائي ڪابينه جي فيصلي جي روشني ۾ 3 سالن جي لاءِ پروفيسر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
انهي سلسلي ۾ سيڪريٽري بورڊ، يونيورسٽي عباس بلوچ باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنهن پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪونسل(پي ايم اينڊ ڊي سي جي نوٽيفڪيشن کي انهي مقرري جي بنياد بنايو ويو آهي، انهي نوٽيفڪيشن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته رٽائرڊ فيڪلٽي جي ڪنٽريڪٽ تي خدمتون حاصل ڪرڻ جي اجازت صرف enabling in nature يعني سهولت فراهم ڪرڻ واري آهي. انهي کي ڪنهن اداري تي لازمي يا پابند ڪرڻ وارو حڪم تصور نه ڪيو ويندو ۽ لاڳاپيل ادارو پنهنجي ضرورت، قاعدن، ضابطن ۽ وسيلن موجب پاڻ فيصلو ڪرڻ جو مجاز هوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ 5 آگسٽ تي ٿيل صوبائي ڪابينه جي اجلاس جي ايجنڊا ايٽم نمبر 16 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته ڪابينه وسيع عوامي مفادن، خاص طور تي طبي خدمتن جي حوالي سان اڪيڊمڪ ليڊر شپ، پوسٽ گريجوئيٽ، ميڊيڪل ايجوڪيشن، تحقيق، جدت ۽ اداره جاتي معيار کي يقيني بنائڻ جي لاءِ وائس چانسلر کي هدايت ڪئي آهي ته ڊاڪٽر نگهت شاهه کي 3 سالن جي لاءِ جي ايس ايم يو ۾ پروفيسر مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي.
پر خط جي ٻئي ئي حصي ۾ غور ڪرڻ جي عبارت عملن باقاعده هدايت ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۽ وائس چانسلر کي چيو ويو آهي ته هو پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه جي 3 سالن جي لاءِ بطور پروفيسر مقرري جي لاءِ فوري ضروري ڪارروائي ڪري.
تبصرے بند ہیں۔