جون تائين ڊالر ۽ پيٽرول 200 رپين تائين پهچي ويندا: خورشيد شاهه

سکر: پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جڏهن کان ٺهي آهي، ڊرائي ۽ ڪلين آهي، پي ٽي آءِ ايتري ته ڊرائي ڪلين آهي جو هر ڀيري پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عدالت کان اسٽي وٺندي آهي

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي پرڏيهي فنڊنگ چيڪ ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، پيپلزپارٽي پاران اليڪشن ڪميشن ۾ رٽن جمع ڪرائيند رهي آهي

هن چيو آهي ته عمران خان چيو هو ته هو سڀ کان پهرين احتساب لاءِ پيش ٿيندو، عمران خان هاڻي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اسٽي واپس وٺي، پي ٽي آءِ پوليٽيڪل پارٽي ايڪٽ تحت پنهنجي فنڊنگ چيڪ ڪرائي

هن چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ايترو ته ڪوڙ ڳالهائين ٿا جو ڌرتي به لُڏي وڃي، هنن ڪوڙ ڳالهائي قومي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، هنن جي ڪوڙ پرڏيهي پاليسي کي به تباهه ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي پاليسي ڪشمير مسئلي کي به خراب ڪري ڇڏيو آهي

هن چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته جون تائين ڊالر ۽ پيٽرول 200 رپيا تائين پهچي ويندا، گيس، بجلي، تيل ۽ قومي معيشت به ڊالر سان جڙيل آهي

هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪا به پارٽي اقتدار ۾ اچي ته ان کي سڌارڻ ۾ پنج سال لڳي سگهن ٿا، جنهن وزيراعظم کي ڊالرجي پوزيشن جي خبر نه هجي اهو فقير جو بادشاهه سان مقابلو ڪرائڻ چاهي ٿو

خورشيد شاهه چيو ته مني بجيٽ ۾ پاڪستانکي گروي ۾ رکيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ هاڻي ٻه وزيراعظم هوندا، هڪ وزيراعظم هوندو گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ هڪ ايگزيڪيوٽو وزيراعظم هوندو پر ان قانون کي ڪامياب ٿيڻ اسان نه ڏينداسين

هن چيو ته پنجاب جو هيلٿ ڪارڊ فراڊ آهي، ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ڊاڪٽرن سان ملي ڀڳت ڪري ففٽي ففٽي ڪئي پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔