نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي واھپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 7 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
آڪٽوبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي. واھپيدارن کان اهو اضافو جنوري جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو
بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اطلاق لائف لائين واھپيدارن تي نه ٿيندو
ياد رهي ته ڪراچي جي واھپيدار سيپٽمبر جي بلن ۾ به 4 رپيا في يونٽ ايڊجسٽمينٽ ادا ڪري رهيا آهن