خواجه آصف جي درخواست تي سيشن جج جي فيصلي خلاف وزيراعظم کي نوٽيس جاري

ڪراچي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي سيشن جج کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف خواجا آصف جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي

خواجه آصف طرفان درخواست ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ وزيراعظم عمران خان کي ڌر بڻايو ويو, خواجه آصف جي وڪيل چيو ته درخواستگذار کي 29، 20 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 23 جون 2021 تائين قيد ڪيو ويو، سيشن جج خواجا آصف خلاف سندس وڪيل جي عدم پيروي تي هڪ طرفي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو، سيشن جج جو حڪم غير قانوني ۽ غير پائيدار ۽ رڪارڊ کي نه پڙهڻ تي ٻڌل آهي

خواجا آصف جي وڪيل چيو ته سيشن جج بغير ڪنهن قانوني اختيار جي غيرقانوني حڪم جاري ڪيو ۽ غير قانوني حڪم سي پي سي ۾ طئي ٿيل طريقيڪار جي ڀڃڪڙي ڪندي پاس ڪيو ويو

وڪيل وڌيڪ چيو ته خواجا آصف مخالف ڌر جي اڳواڻي ڪندڙ ن ليگ جو پارلياماني ليڊر آهي، جڏهن ته جوابدار عمران خان هن وقت ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، عمران خان وزيراعظم آئيني عهدي تي آهي، رڳو انصاف ٿيڻ گهرجي پر نظر به اچڻ کپي

وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته هيٺين عدالت جو حڪم غير قانوني قرار ڏنو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اهو معاملو سيشن جج وٽ ڪڏهن التوا ۾ آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته معاملو 2012 کان التوا ۾ آهي

چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس التوا ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي، جنهن تي خواجا آصف جي وڪيل چيو ته خواجا آصف ۽ عمران خان جا وڪيل ذميوار آهن، عدالت سيشن جج جو 17 ڊسمبر 2021 جو حڪم معطل ڪري, عدالت وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي سيشن جج کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان جي خلاف خواجا آصف درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رهي ته خواجا آصف سيشن جج جي حڪم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته خواجا آصف جي وڪيل جي عدم پيروي تي هڪ طرفي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالت جي حڪم نامي کي غير قانوني قرار ڏيئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔