براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

غزه ۾ صحت جو نظام تباهه، ڊبليو ايڇ او بيماريون پکڙجڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

غزه: صحت واري عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ بيماريون پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي پٽي تي اسرائيلي جارحيت جي ڪري فلسطينين ۾ بيماريون پکڙجڻ جو سنگين خطرو آهي. ڊبليو ايڇ او موجب اسرائيلي بمباري جي ڪري صحت

اسرائيلي وزير اعظم جو ڀائيٽيو غزه ۾ حماس هٿان قتل

اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو جو ڀائيٽيو يائر نيتن ياهو غزه ۾ حماس جي حملي ۾ مارجي ويو آهي ترڪ خابرو اداري موجب يائر ايدو نيتن ياهو غزه ۾ غزالدين القسام برگيڊ خلاف ويڙهه دوران مارجي ويو اطلاع آهن ته يائر نيتن ياهو اسرائيلي فوج

اسرائيل جي فلسطينين مٿان جارحيت جاري، هڪ رات دوران اڍائي هزار حملا، وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد

غزه: :اسرائيل غزه تي باهه ۽ بارود جي برسات ڪري ڇڏي. اسرائيلي فوج هٿين خالي فلسطينين تي گذريل رات اڍائي هزار حملا ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي وحشياڻي بمباري سبب غزه کنڊر بڻجي ويو. اسرائيل غزه شهر جي

اسرائيل غزا جي هزارين فلسطينين جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون

تل ابيب : اسرائيل غزا جي هزارين فلسطينين جي نوڪرين جي پرمٽ رد ڪري ڇڏي.اسرائيلي ميڊيا موجب روز 18 هزار فلسطيني غزا مان نوڪري ڪرڻ اسرائيل ايندا هئا، 7 آڪٽوبر جي حملن کان پوءِ اسرائيل ۾ موجود غزا جي 3 هزار پورهيت فلسطينين کي حراست ۾ ورتو

آزاد فلسطين جنهن جي راڄڌاني القدس هجي ان تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون:اسماعيل هنيه

قطر :حماس جي پوليٽيڪل آفيس جي سربراهه اسماعيل هنيه چيو آهي ته ٻه رياستي حل جنهن ۾ القدس فلسطين جي راڄڌاني هجي ان تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. قطر ۾ موجود اسماعيل هنيه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙن آڏو هڪ گڏيل منصوبو پيش ڪيو آهي جنهن ۾

بوليويا، ڪولمبيا ۽ چلي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

غزه: غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي حملن کان پوءِ ڏکڻ آمريڪا جي ٽن ملڪن بوليويا، ڪولمبيا ۽ چلي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن. بوليويا پهريون لاطيني آمريڪي ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن غزه جي پٽي ۾ فوجي ڪارروائي تي اسرائيل سان سفارتي

فلسطينين جي قتل عام پٺيان آمريڪي حڪمران اشرافيا آهي:روسي صدر

ماسڪو : روسي صدر ولاديمير پيوٽن الزام لڳايو آهي ته فلسطينين جي قتل عام پٺيان آمريڪي حڪمران اشرافيا ۽ انهن جا ساٿي آهن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته وچ اوڀر، يوڪرين، عراق ۽ شام جي واقعن پٺيان به آمريڪي حڪمران

اسرائيل طرفان غزه جي ٻي وڏي اسپتال القدس تي به بمباري شروع

اسرائيل غزه جي ٻي وڏي اسپتال القدس کي خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ بعد بمباري به شروع ڪري ڏني فلسطيني ريڊ ڪراس ۽ ٻين تنظيمن جو چوڻ آهي ته اسپتال خالي ڪرڻ ناممڪن آهي، القدس اسپتال ۾ سوين زخمي ٻارڙا موجود آهن  ريڊ ڪراس موجب اسرائيلي بمباري

حماس کي ائين ختم ڪبو جيئن دنيا نازين کي ڪيو هو: اسرائيل

اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو غزه ۾ جنگبندي وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته يو اين جنرل اسيمبلي جو مطالبو رد ڪيون ٿا، اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جو ائين ارادو رکي ٿو جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو

حماس اسرائيلي قيدين جي آزادي غزه ۾ جنگ بندي سان مشروط ڪري ڇڏي

غزه: حماس پنهنجي قيد ۾ موجود اسرائيلي شهرين کي آزادي کي غزا ۾ جنگ بندي سان مشروط ڪري ڇڏيو.پرڏيهي خابرو داري جي رپورٽ موجب روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ حماس جي وفد ۾ شامل ابو حامد چيو آهي غزا ۾ جنگ بندي تائين اسرائيلي قيدين کي آزاد نٿو ڪري سگھجي