فلسطينين جي قتل عام پٺيان آمريڪي حڪمران اشرافيا آهي:روسي صدر

ماسڪو : روسي صدر ولاديمير پيوٽن الزام لڳايو آهي ته فلسطينين جي قتل عام پٺيان آمريڪي حڪمران اشرافيا ۽ انهن جا ساٿي آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته وچ اوڀر، يوڪرين، عراق ۽ شام جي واقعن پٺيان به آمريڪي حڪمران اشرافيا ۽ سندن ساٿي آهن.
پيوٽن جو چوڻ هو ته آمريڪي حڪمران اشرافيا مقدس زمين تي افراتفري چاٿي ٿي، فلسطينين جي مدد انهن ماڻهن سان وڙهي ڪري سگھجي ٿي جيڪي ان تڪرار جي پٺيان آهن، اسان انهن ماڻهن سان يوڪرين ۾ وڙهي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔