پرڏيهين کي واپسي لاءِ ڏنل مهلت ختم: ڪيمپن تي نفري مقرر، ملڪ گير آپريشن شروع

ڪراچي:ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت پرڏيهين کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي. جنهن کان پوءِ پوءِ هولڊنگ ڪيمپن تي پوليس مقرر ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ لڏ پلاڻ جي لاءِ ملڪ گير آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪراچي جي انتظاميه ڪارروائي لاءِ انتظام مڪمل هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي واپسي لاءِ وفاقي حڪومت طرفان ڏنل مهلت گذريل رات ختم ٿي وئي جنهن کان پوءِ غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي واپسي جي لاءِ ملڪ گير آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين جي لاءِ ٺاهيل هولڊنگ ڪيمپ تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پناهگيرن جو سڀني کان وڏو انگ ڊسٽرڪٽ ايسٽ سهراب ڳوٺ ۽ ان جي چوڌاري آباد آهي. ڪراچي ۾ گڏيل طور تي هڪ لک 65 هزار پرڏيهي رهائذ پذير آهن. ٻئي طرف ليويز اختيارين چيو آهي ته ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙن ۾ افغانين جو وڏو انگ واپس وڃڻ جي لاءِ چمن بارڊر تي پهچي چڪو آهي. افغان پناهگير خاندانن جي لک پڙهه کان پوءِ کين ڪيمپن ۾ رکيو ويندو جتان کان هينئر تائين تقريبن 5 هزار افغان پناهگير پهچي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔