ويسٽ انڊيز پاران پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو: ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، روسٽن چيز ويسٽ انڊين ٽيم جي قيادت ڪندو. ليفٽ آرم اسپنر جوشوا بشپ کي پهريون ڀيرو اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو پهريون ٽيسٽ 25 جولاءِ کان برائن لارا اڪيڊمي ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته سيريز جو ٻيو ٽيسٽ 2 آگسٽ کان کيڏيو ويندو. فاسٽ بالر الزاري جوزف ذاتي سببن جي ڪري اسڪواڊ ۾ شامل ناهي.اسڪواڊ ۾ ڪپتان روسٽن چيز، جوميل وريڪين، جوشوا بشپ، ٽيگنارائن چندرپال، جوشوا ڊي سلوا، جسٽن گرويز، ڪيوم هاج، شي هوپ، عامر جانگو، شمار جوزف، برينڊن ڪنگ، ڪرڪ ميڪينزي، ڪيمو پال، ڪيمار روچ ۽ جيڊن سيلز شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔