غزه ۾ صحت جو نظام تباهه، ڊبليو ايڇ او بيماريون پکڙجڻ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

غزه: صحت واري عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) غزه ۾ بيماريون پکڙجڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي پٽي تي اسرائيلي جارحيت جي ڪري فلسطينين ۾ بيماريون پکڙجڻ جو سنگين خطرو آهي.

ڊبليو ايڇ او موجب اسرائيلي بمباري جي ڪري صحت جو نظام تباهه ٿي ويو آهي. پناهه لاءِ نه ڪا ڇت آهي نه ئي فلسطينين لاءِ صاف پاڻي  تائين پهچ ممڪن آهي. جنهن جي ڪري مختلف بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آهي جنهن ۾ پيٽ جي خرابي جهڙا مسئلا به شامل آهن.

ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته آڪٽوبر جي وچ ڌاري ڊائيريا جا 33 هزار 551 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن اهي ڪيسز گهڻو ڪري 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ ڏٺا ويا آهن.

ڊبليو ايڇ او موجب متاثر ٻارن جي انگ ۾ 2021 ۽ 2022 جي دوران ماهوار 2 هزار ڪيسز جي نمايان واڌ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔