حماس اسرائيلي قيدين جي آزادي غزه ۾ جنگ بندي سان مشروط ڪري ڇڏي

غزه: حماس پنهنجي قيد ۾ موجود اسرائيلي شهرين کي آزادي کي غزا ۾ جنگ بندي سان مشروط ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو داري جي رپورٽ موجب روسي راڄڌاني ماسڪو ۾ حماس جي وفد ۾ شامل ابو حامد چيو آهي غزا ۾ جنگ بندي تائين اسرائيلي قيدين کي آزاد نٿو ڪري سگھجي

هن چيو ته مختلف فسلطيني ڌڙن طرفان غزه پهچايل اسرائيلي شهرين کي ڳولڻ لاءِ وقت گھربل آهي.
حماس جو وفد 26 آڪٽوبر تي ماسڪو پهتو هو ۽ هڪ مقامي اخبار ابو حامد جو بيان شايع ڪيو.
هن چيو ته حماس طرفان جنگ جي شروعات کان ئي پنهنجي قيد ۾ موجود شهرين کي آزاد ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو پيووڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي فلسطيني گروپس سوين حريڪ پسند 1948ع ۾ اسرائيل طرفان قبضو ڪيل خطن ۾ داخل ٿيا ۽ سوين ماڻهن کي پڪڙي ورتو، جن ۾ گھڻا عام شهري هئا.
ياد رهي ته حماس 7 آڪٽوبر تي اسرائيل جي خلاف غير امڪان ڪارروائي ڪئي هئي، جنهن دوران 200 کان وڌيڪ شهرين ۽ فوجين کي پڪڙيو ويو هو.
ابو حامد جو چوڻ هو ته اسان کي غزه ۾ انهن قيدين کي ڳولڻ ۽ پوءِ آزاد ڪرڻ لاءِ وقت گھربل آهي، جنهن لاءِ پرامن ماحول جي ضرورت آهي.
هن چيو ته غزا ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هيل تائين 50 اسرائيلي قيدي مارجي چڪا آهن.
ابو حامد موجب حماس طرفان هيل تائين قيدين مان چار کي آزاد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔