اسرائيل طرفان غزه جي ٻي وڏي اسپتال القدس تي به بمباري شروع

اسرائيل غزه جي ٻي وڏي اسپتال القدس کي خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ بعد بمباري به شروع ڪري ڏني

فلسطيني ريڊ ڪراس ۽ ٻين تنظيمن جو چوڻ آهي ته اسپتال خالي ڪرڻ ناممڪن آهي، القدس اسپتال ۾ سوين زخمي ٻارڙا موجود آهن

 ريڊ ڪراس موجب اسرائيلي بمباري سبب بي گهر ٿيل 14 هزار کان وڌيڪ فلسطينين به القدس اسپتال ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ موجود آهن، القدس اسپتال جي ڀر وارن علائقن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ درجنين فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته اسپتال جي ڀروارن علائقن ۾ ڪارروائي دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا آهن، سيو دي چلڊرين تنظيم جو چوڻ آهي ته 2019 کان وٺي هيل تائين دنيا ۾ جنگين دوران ايڏا ٻار نه مئا جيترا غزه ۾ ماريا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔