پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامران بنگش کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم، ٻئي ڪيس ۾ گرفتار

پشاور: دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪامران بنگش جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان  پوءِ پوليس کيس ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

پشاور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير ڪامران بنگش جي خلاف پوليس تي فائرنگ ۽ مراد سعيد کي پناهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت ڪامران بنگش جي ضمانت منظور ڪري ورتي

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ کي 2 لک روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوليس موجب ضمانت کان اڳ ڪامران بنگش کي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ڊيره اسماعيل خان پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪامران بنگش تي عوام کي چڙ ڏيارڻ جو الزام آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔