غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو فيصلو عالمي اصولن موجب آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي جو فيصلو خودمختار ملڪي قانون ۽ عالمي اصولن موجب آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان زهره بلوچ گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر(يو اين ايڇ سي آر) جي هڪ بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهو فيصلو پاڪستان جي خودمختار ملڪي قانون ۽ عالمي اصولن موجب آهي.

يو اين ايڇ سي آر پاڪستاني اختيارين کي اپيل ڪئي هئي ته پهرين نومبر جي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ بدري جو فيصلو معطل ڪيو وڃي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو پريس بيان ڏٺو آهي. غيرقانوني پرڏيهين جي ملڪ واپسي جو منصوبو(آءِ ايف آر پي) ان جي قوميت ۽ اصل ملڪ کان قطع نظر، پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين تي لاڳو ٿئي ٿو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ يا رجسٽرڊ سمورا  پرڏيهي شهري اهڙي منصوبي جي اختيار کان ٻاهر آهن .پاڪستان جي حڪومت اهڙن ماڻهن جي تحفظ ۽ حفاظت جي ضرورت جي حوالي سان  پنهنجن واعدن کي انتهائي سنجيدگي سان وٺندي آهي. پاڪستان لکين افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي 40 سالن تائين ميزباني ڪئي آهي.

هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ترجيحي معاملي جي طور تي پائيدار حل جي سلسلي ۾ پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان انهي مقصد جي لاءِ پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان ملي ڪم ڪندو رهندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔