چونڊڪو ڀرسان نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي، 11 ڄڻا ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن 5 ڄڻن کي بچائي ورتو، ٻين جي ڳولا جاري

خيرپور: چونڊڪو ڀرسان نارا ڪينال ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾  11 ڄڻا ٻڏي ويا آهن. جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڄڻن کي بچائي ورتو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ چڀڙ شر جا رهواسي شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ جمال الدين طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ٻيڙي اوچتو اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي ويا. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڄڻن کي بچائي ورتو آهي

ٻڏي ويلن ۾ راجا شر، مصري، سالڪ، بخش علي، جمعو شر ۽ ٻيا شامل آهن. کينواري پوليس  موجب ٻڏي ويلن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.

ڳوٺاڻن موجب اطلاع ڏيڻ جي باوجود ضلعي انتظاميه طرفان ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا ۾ ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي وئي آهي. پنهنجي مدد پاڻ تحت 5 ڄڻن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته انتظاميه طرفان ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔