اسٽيٽ بئنڪ جو وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو

ڪراچي : اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي سربراهي ۾ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ وياج جي شرح ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مرڪزي بئنڪ موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ وياج جي شرح ۾ تبديلي نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ وياج جي شرح 22 سيڪڙو تي برقرار رهندي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته سيپٽمبر 2023 ۾ مهانگائي ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته آڪٽوبر ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي، تيل جي اگهن ۾ لاهن چاڙهن ۽ گئس جي اگهن سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي خطرا رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔