اسرائيل جي فلسطينين مٿان جارحيت جاري، هڪ رات دوران اڍائي هزار حملا، وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد

غزه: :اسرائيل غزه تي باهه ۽ بارود جي برسات ڪري ڇڏي. اسرائيلي فوج هٿين خالي فلسطينين تي گذريل رات اڍائي هزار حملا ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

اسرائيلي وحشياڻي بمباري سبب غزه کنڊر بڻجي ويو. اسرائيل غزه شهر جي اتر، اولهه، مغرب ۽ اوڀر کي نشانو بنائيندي وڏا حملا ڪري رهيو آهي. اسرائيلي فورسز رابطن ۾ رنڊڪ وجهي ظلمن تي پردو وجهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري مڪمل بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اسرائيل بي گهر فلسطينين جي پناهه گاهن کي به نه بخشيو. 3 پناهگيرن ڪيمپن تي به بم وسايا ويا.

عرب ميڊيا موجب فلسطين جي مرڪزي اطلاعات اطلاع ڏني آهي ته غزه جي پٽي شاطئي ڪيمپ، زيتون ڪالوني ۽ الرمال محلي تي اڌ ڪلاڪ اجي اندر 100 کان وڌيڪ پرتشدد اسرائيلي حملا ڪيا ويا.

اسرائيل هڪ دفعو ٻيهر اسپتالن جي چوڌري به بمباري ڪئي حماس اعلان ڪيو آهي ته اسرائيلي ڇاپن ۾ الشفا اسپتال جي ڀرپاسي جي علائقن کي به نشانو بنايو ويو.

غزه جي پٽي جي اسپتالن ۾ گنجائش کان وڌيڪ زخمين جو انگ وڌي رهيو آهي. الاقصيٰ شهداءِ اسپتال جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته اسان  وڌيڪ زخمين جو پهريان علاج ڪري رهيا آهيون. اسرائيلي فوج طرفان لبنان تي به فضائي حملو ڪيو ويو جنهن سبب 3 ٻار شهيد ٿي ويا. شهادت ماڻيندڙ ٻارن جون عمرون اٺ کان 14 سال جي وچ ۾ آهن.

ٻئي پاسي گڏيل قومن جي  سمورين اهم ايجنسين جي سربراهن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ انهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جهيڙي جو انساني بنيادن تي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔