9 مئي واقعا: شيخ رشيد جي ضمانت منظور، 50 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم

راولپنڊي: راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي 9 مئي جي واقعن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سردار عبدالرزاق خان سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.

شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته شيخ رشيد جو 9 مئي جي واقعن سان ڪوبه تعلق نه آهي. هن جون 9 مئي واقعن سان ڪي به شاهديون موجود نه آهن. وارث خان ۾ داخل ڪيس ۾ شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي دوران جج ملڪ اعجاز آصف کان سوال ڪيو ته شيخ صاحب اوهان ڪمزور نظر اچي رهيا آهيو، اوهان جي طبيعت صحيح آهي؟ جنهن تي شيخ رشيد چيو ته 40 ڏينهن جي چلي دوران 31 ڪلو وزن گهٽ ٿيو آهي. جج چيو ته شيخ رشيد 71 سالن جو پيرسن آهي سندس پوڙهائپ جو ته خيال رکيو وڃي.

هوڏانهن عدالت 9 مئي جي واقعن ۾ شيخ رشيد جي ڀائٽيي شيخ راشد شفيق جي ضمانت به 9  نومبر تائين منظور ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔