ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا لاٿ

ڪراچي؛ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن مُلڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون چار سئو رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 14 هزار ٻه سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون 343 رُپيا سستو ٿيڻ بعد هڪ لک ٽياسي هزار 642 رپين جي ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون نوَ ڊالر لاٿ کانپوءِ 2003 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔