خيبر جي علائقي تِيرا ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چئن شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا

خيبر: خيبر جي علائقي تِيرا ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چئن شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ڪور ڪمانڊر پشاور سميت فوج جي جوانن ۽ عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 تِيرا  ۾ آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ليفٽينٽ ڪرنل محمد حسن حيدر سوڌو 4 جوانن شهادت ماڻي هئي، آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، 3 دهشتگرد زخمي، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

 فائرنگ ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو، شهيد جوانن ۾ نائڪ خوش دل خان، رفيق خان ۽ لانس نائڪ عبدالقادر شامل آهن

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چئني سيڪيورٽي اهلڪارن بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو آهي، فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي سگهه ڏين ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔