ڪراچي: ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري سنڌ صوبي ۾ دوائن ۽ سرنجز بابت ڳڻتي جوڳي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب 79 ايلوپيٿڪ ۽ هربل دوائن سميت سرنجز جا نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار ڏنا ويا آهن.
رپورٽ موجب جنوري کان 13 جولاءِ جي دوران گڏيل طور تي 2461 نمونن جي جانچ پڙتال ڪئي وئي جنهن مان 79 نمونا مقرر معيار تي ناهن لٿا، انهن ۾ 30 آٽوڊس ايبل سرنجز به شامل آهن جيڪي غير معياري يا جعلي نظر آيون.
ليبارٽري موجب آٽو ڊس ايبل سرنجز صرف هڪ ڀيرو استعمال جي لاءِ تيار ڪيون وينديون آهن پر ڪجهه فراهم ڪيل سرنجز مڪمل طور تي آٽوڊس ايبل ناهن، جنهن سبب انهن جي ٻيهر استعمال جو امڪان آهي. ماهرين خبردار ڪيو آهي ته هڪ ئي سرنجز کي مختلف مريضن تي استعمال ڪرڻ سان انفيڪشن، علاج ۾ ڏکيائين ۽ بيمارين جي پکيڙ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 20 هربل شين ۾ ايلوپيٿڪ شين جي موجودگي ملي آهي، جڏهن ته 9 دوائون ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان کان رجسٽرڊ به نه هيون. ماهرين جو چوڻ آهي ته معياري آٽو ڊس ايبل سرنجز جو استعمال ايڇ آئي وي، هيپاٽائيٽس ۽ ٻين رت جي ذريعي منتقل ٿيندڙ بيمارين کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
تبصرے بند ہیں۔