اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت کي ڪيش ليس نظام ڏانهن منتقل ڪرڻ سان پائيدار معاشي ترقي ۽ شفافيت کي هٿي ملندي، جڏهن ته بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي ڪيش ليس معيشت جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪيش ليس معيشت ۽ ڊجيٽل ادائگين جي واڌاري بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي معيشت کي ڊجيٽل ادائگين تي ٻڌل ڪيش ليس معيشت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي ڊجيٽل ادائگين لاءِ ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪندڙ فعال واپارين جي انگ ۾ 300 سيڪڙو واڌ کي اهم ڪاميابي قرار ڏنو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته واپارين کي ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ڊجيٽل ادائگين ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، جڏهن ته پرڏيهه مان ايندڙ ترسيل رقم کي به 100 سيڪڙو ڊجيٽل بڻايو وڃي.
وزيراعظم چيو ته موبائل بئنڪنگ ايپ استعمال ڪندڙن جو انگ هڪ سال دوران 9 ڪروڙ 50 لک مان وڌي 13 ڪروڙ 70 لک ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2025 کان جون 2026 تائين ڊجيٽل طريقي سان ادائگيون وصول ڪندڙ واپارين جو انگ 300 سيڪڙو واڌ سان 20 لک 3 هزار ٿي ويو آهي. نادرا جون 99 سيڪڙو ادائگيون ڊجيٽل بڻجي چڪيون آهن، جڏهن ته روڪ رقم ذريعي ادائگيون 71 سيڪڙو مان گهٽجي رڳو هڪ سيڪڙو رهجي ويون آهن.
بريفنگ موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هڪ ڪروڙ صارفين کي سموريون ادائگيون ڊجيٽل والٽ ذريعي ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته جولاءِ 2025 کان جون 2026 دوران 11 ڏهائي 9 ارب ڊجيٽل ٽرانزيڪشنز رڪارڊ ڪيون ويون. گذريل سال دوران پرڏيهه مان ايندڙ ترسيل رقم جو 92 سيڪڙو ڊجيٽل طريقي سان وصول ڪيو ويو.
وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ادائگين کي ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪرڻ واري قدم کي شفاف، تيز رفتار ۽ مستحقن لاءِ آسان قرار ڏيندي ساراهيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪيش ليس معيشت بابت ٽئين ڌر کان تصديق جو عمل جاري آهي ۽ سفارشن سميت حتمي رپورٽ نومبر 2026 ۾ پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، ناڻي واري مملڪتي وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، نادرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔