فرانس ۽ اسپين ۾ زبردست مقابلو، ڪير کٽيندو؟

ڊيلاس: فرانس فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي شاندار بالادستي واري دور کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ کان رڳو هڪ فتح پري بيٺل آهي. جيڪڏهن هو اڄ رات پاڪستاني وقت موجب 12 هين وڳي سيمي فائنل ۾ اسپين کي شڪست ڏئي ٿو ته هو لڳاتار ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويندو، جڏهن ته گذريل اٺ ورلڊ ڪپن دوران اهو سندس پنجون فائنل هوندو.
ان منزل تائين پهچڻ لاءِ ديدييه ديشان جي ٽيم کي اهڙي اسپين کي شڪست ڏيڻي پوندي، جنهن تازن سالن ۾ بار بار فرانس جي راهه روڪي آهي ۽ جنهن جي دفاع کي هن ٽورنامينٽ ۾ هيل تائين رڳو هڪ ئي گول سان ٽوڙيو ويو آهي.
اسپين، جنهن هن ورلڊ ڪپ ۾ لاها چاڙها ڏسندي اڳڀرائي ڪئي آهي، يورو 2024 جي سيمي فائنل ۾ فرانس کي ٻاهر ڪيو هو ۽ گذريل سال نيشنز ليگ جي نَوَ گولن واري دلچسپ مقابلي ۾ به کيس شڪست ڏني هئي. پر هن ڀيري لي بليو (فرانس) وٽ ٽورنامينٽ جا ٻه سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر موجود آهن، ڪليان ايمباپي اٺ گولن سان ۽ عثمان ڊيمبيلي پنج گولن سان، ۽ گڏوگڏ هڪ وڌيڪ متوازن ٽيم پڻ آهي.
ٻنهي ٽيمن ۾ ٻه سال اڳ ميونخ ۾ ٿيل مقابلي کان ڪيترائي رانديگر اڃا به موجود آهن، جڏهن اسپين، راندال ڪولو مواني جي شروعاتي گول کانپوءِ واپسي ڪندي، لامين يامال ۽ داني اولمو جي گولن جي مدد سان 2-1 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. پر ڊيلاس ۾ ٿيندڙ هن مقابلي جون حالتون گهڻو مختلف آهن.
يورو 2024 جي سيمي فائنل تائين پهچندڙ فرانس اڃا پنهنجي بهترين تلاش ۾ هو. ايمباپي افتتاحي ميچ دوران نڪ ڀڄڻ سبب مڪمل فارم ۾ نه هو، اينتوان گريزمان به اثرائتو نه ٿي سگهيو هو، ۽ ٽيم کليل راند مان گهڻا گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهندي به آخري چئن ٽيمن تائين پهتي هئي.

تبصرے بند ہیں۔