ايران تي تازن حملن جو مرحلو مڪمل، سينٽڪام، اڄ کان ناڪابندي لاڳو

تهران : ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ ’آپريشن نصر 2‘ جي ٻي لهر دوران سندس بحري دستن بحرين ۾ ’جفير بيس‘ تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن، جن ۾ هٿيارن جا ڪيترائي گودام، سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن سينٽر ۽ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ هڪ عمارت کي نشانو بڻايو ويو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاسدارانِ انقلاب جي بحري ۽ ميزائل فورسز بحرين ۾ آمريڪي بحريه جي ففتھ فليٽ (پنجين ٻيڙي) جي هيڊڪوارٽر تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي ٽانڪين ۾ باهه لڳي وئي. پاسدارانِ انقلاب موجب، هن ڪارروائي ۾ پيٽرياٽ ريڊار سسٽم، ففتھ فليٽ جو ايئر ڪنٽرول ريڊار ۽ C-RAM ارلي وارننگ ريڊار سسٽم کي پڻ نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان حملي ۾ سمنڊي ڊرونز کي ڪنٽرول ڪندڙ مرڪز به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) چيو آهي ته آمريڪي فوجن ايراني فوجي هدفن تي نوان حملا مڪمل ڪري ورتا آهن. سينٽڪام پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي ساحلي دفاعي سسٽم، ميزائلن، ڊرون ۽ بحري تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي.سينٽڪام موجب، ايران ۾ بوشهر، چاهه بهار، جسڪ، ڪونارڪ، ابو موسيٰ ۽ بندر عباس کي نشانو بڻايو ويو. سينٽڪام جو چوڻ هو ته هن وقت 50 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي وچ اوڀر ۾ مقرر ٿيل آهن.

جهازن کي نشانو بڻائڻ جي ايراني صلاحيت ڪمزور ڪرڻ  وارن حملن جو مرحلو مڪمل، سينٽڪام

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام 13 جولاءِ تي رات 10:15 وڳي آمريڪي مشرقي وقت موجب ايران خلاف حملن جي تازي مرحلي کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنجن ڪلاڪن تي ٻڌل هن فوجي آپريشن دوران آمريڪي فوج ايران جي مختلف هنڌن تي موجود فوجي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جن ۾ بوشهر، چابهار، جاسڪ، ڪنارڪ، ابو موسيٰ ۽ بندر عباس شامل آهن، جنهن جو مقصد ايران جي تجارتي سامونڊي جهازن تي حملا ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور بڻائڻ هو. سينٽڪام موجب، آمريڪي فوجن ايران جي ساحلي دفاعي نظام، ميزائل ۽ ڊرون اڏن، ۽ سامونڊي فوجي صلاحيتن کي انتهائي درستگي وارن هٿيارن سان نشانو بڻايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا 50 هزار کان وڌيڪ فوجي اهلڪار مقرر آهن، ۽ آمريڪي فوجون مڪمل طور چوڪس، جنگي طور تي تيار ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت آماده آهن.

تبصرے بند ہیں۔