اسلام آباد: پاڪستان ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 4.722 ارب روپين کان وڌيڪ قرض مقرر وقت کان اڳ واپس ڪري نئين ناريخ لکي ڇڏي.
ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد موجب پاڪستان هينئر تائين 4.722 ارب روپيه تقريبن 17 ارب آمريڪي ڊالر جو قرض مقرر وقت کان اڳ واپس ڪري ڇڏيو. مالي سال 26 ۾ هينئر تائين 2.900 ارب روپين جو قرض مقرر وقت کان اڳ واپس ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري صلاحڪار چيو ته مالي سال 26 ۾ قرضن جي وقت کان اڳ ادائيي مالي سال 25 جي مقابلي ۾ 62 سيڪڙو وڌيڪ رهي. وقت کان اڳ واپس ڪيل قرض ۾ 51 سيڪڙو اسٽيٽ بينڪ ۽ 49 سيڪڙو ٻين مالياتي ادارن جو قرض شامل آهي.
خرم شهزاد موجب پاڪستان جي قرضن جو جي ڊي پي تناسب 75 سيڪڙو کان گهٽ ٿي تقريبن 68.5 سيڪڙو رهجي ويو، بهتر انتظامي حڪمت عملي سبب سرمائيڪارن جو اعتماد ۽ ملڪي مالياتي استحڪام وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، بهتر قرض، نظم ونسق سان پاڪستان مضبوط، پائيدار ۽ گهٽ لاڳت مالياتي نظام طرف وڌي رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔