حڪومت طرفان تيل جون قيمتون روزاني جي بنياد تي طئي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت طرفان  پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني جي بنياد تي طئي ڪرڻ جو امڪان آهي، نئين نظام جي تحت اوگرا روزاني رات جو پيٽروليم شين جون قيمتون طئي ڪندي جڏهن ته آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن طرفان حڪومت جي انهي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي جنهن جي تحت پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني جي بنيادن تي مقرر ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جي لاءِ روزاني جي بنياد تي هڪ نئون طريقيڪار متعارف ڪرائڻ تي غور ڪري رهي آهي جنهن جي تحت قيمتن جي حتمي طئي ڪرڻ ۾ حڪومت جو پنهنجو ڪردار نمايان طور تي گهٽ ٿي ويندو.

پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عهديدار موجب انهي نظام جي تحت، آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) روزاني رات جو موٽر اسپرٽ(ايم ايس پيٽرول) ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل(ايڇ ايس ڊي)، لائٽ ڊيزل آئل(ايل ڊي او) ۽ گاسليٽ(ڪي او) جون قيمتون ڪرڻ جي واحد ذميوار هوندي ۽ اهي تبديل قيمتون روزاني رات جو 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.

آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن طرفان حڪومت جي انهي گڏيل فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني جي بنيادن تي مقرر ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. پنهنجي پريس رليز ۾ هن چيو ته ايسوسيئيشن واضح طور تي اهو اعلان ڪري ٿي ته ڊيلي پرائس ميڪانزم اسان کي هرگز قبول نه آهي. اڳ ئي هفتيوار قيمتن جي نظام پيٽرول پمپ مالڪن جي ڪاروبار کي سخت متاثر ڪيو آهي جنهن جي ڪري اسٽاڪ مينجمينٽ، مالي منصوبه بندي ۽ ڪاروباري استحڪام ۾ سنگين مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ روزاني جي بنيادن تي قيمتون طئي ڪرڻ سان اهو بحران وڌيڪ وڌندو.

آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن جي وائس چيئرمين نعمان علي بٽ چيو ته اهو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي ته انهي اهم فيصلي ۾ اسٽيڪ هولڊرز، خاص طور تي پيٽرول پمپ مالڪن کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. ڪنهن به پاليسي جي ڪاميابي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ضروري هوندي آهي جنهن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔