راولاڪوٽ: پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي شرپسندن جو سيڪيورٽي فورسز تي حملو، رينجرز اهلڪار شهيد

راولاڪوٽ:  راولاڪوٽ ۾ پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن جو سيڪيورٽي فورسز تي حملو، رينجرز اهلڪار شهيد

ناپاڪ ارادن ۾ ناڪامي کانپوءِ 14 جولاءِ جي صبح پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن راولاڪوٽ جي متيال ميره بس ٽرمينل ڀرسان شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي. بزدلاڻي ڪارروائي کانپوءِ امن امان جي بحالي لاءِ اڳڀرائي ڪندڙ پوليس ۽ مدد لاءِ پهتل رينجرز تي هٿياربند جٿن جديد هٿيارن سان سڌي فائرنگ ڪئي.

پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن جي سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ رينجرز جو هڪ اهلڪار شهادت ماڻي ويو. ماهرن موجب، پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پاران جديد هٿيارن ۽ ڌماڪيدار مواد جو استعمال باقاعده رٿابندي تحت ڦهلايل دهشتگردي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون بي مثال قربانيون ان حقيقت جي عڪاسي ڪن ٿيون ته رياستي رٽ جو هر حال ۾ قيام ۽ تحفظ اڻٽر آهي. رياستي ادارن تي حملن ۾ ملوث هٿياربند جٿن خلاف فوري، سخت ۽ بنا فرق قانوني ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي.

ماهرين موجب شاهديون انهي ڳالهه جون تصديق ڪن ٿيون ته پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي منظم انداز ۾ رياستي رٽ کي چيلنج ڪرڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، انهي ڀيان واقعي پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي نام نهاد پرامن جدوجهد ۽ اصل چهرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

ماهرين موجب جديد ترين هٿيارن جو استعمال ۽ بارود جي تياري کليل غنڊه گردي ۽ دهشتگردي آهي جيڪو عام عوا جي بقا لا سنگين ۽ جان ليوا خطرو بڻجي چڪي آهي، آزاد جمون، ڪشمير ۾ امن امان جي بحالي ۽ رياستي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ پابندي مڙهيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن خلاف فيصلن ڪن سيڪيورٽي آپريشن ضروري آهي.

تبصرے بند ہیں۔