گهرو وزير محسن نقوي جي ايف بي آءِ ڊائريڪٽر سان ملاقات، سائبر جاچ لاءِ وسيلن جي فراهمي تي ڳالهيون

واشنگٽن:   وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊائريڪٽر ايف بي آءِ ڪاش پٽيل سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ سائبر جاچ لاءِ وسيلن جي فراهمي تي ڳالهيون ڪيون.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف بي آءِ هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي هن ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دهشتگردي جي خاتمي، دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ ۽ سائبر جاچ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ دهشتگردي جي مالي مدد خلاف ڪارروائين ۽ سائبر جاچ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ وسيلن جي فراهمي ۽ خصوصي تربيت بابت پڻ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي.

ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايف بي آءِ هيڊڪوارٽر ۾ پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي جي ميزباني ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.

ڪاش پٽيل چيو ته خطي ۾ آمريڪي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي سهڪار کي ايف بي آءِ تمام گهڻو ساراهي ٿي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيواري انتهائي اهم آهي ۽ مستقبل ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.

 

تبصرے بند ہیں۔