مان آخري اداڪاره ناهيان جنهن ڪنهن کي ڀاڪر پاتو هجي

ڪراچي :  پاڪستان جي اڀرندڙ اداڪاره ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر سحر هاشمي، ڀارتي اداڪار عمران هاشمي سان پنهنجي نالي جي ٿيندڙ موازني تي کلي ڪري ڳالهايو آهي. هن چيو ته تنقيد مون کي هڪ اداڪاره طور بهتر ٿيڻ ۾ مدد ڪئي پر ڪجهه تبصرن، خاص طور عمران هاشمي سان ڀيٽ ڪرڻ تي مون کي ڏک ٿيو ۽ اهو غير منطقي لڳو. اداڪاره پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڊراما سيريل ‘ظلم’ مان ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي سڃاڻپ بڻائي، پر اسڪرين تي ڪجهه بولڊ منظرن جي ڪري کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سحر هاشمي جو چوڻ آهي ته مون صرف اهي منظر فلمائي جيڪي اسڪرپٽ جو حصو هئا ۽ جيڪي هدايتڪار پنهنجي تخليقي سوچ موجب ڏيکارڻ چاهيا ٿي. هن چيو ته هر فنڪار ڪردار جي ضرورت موجب ڪم ڪندو آهي ۽ مون کي اها ڳالهه مضحڪه خيز لڳي ٿي، سچ پڇو ته مان نه پهرين اداڪاره آهيان ۽ نه آخري، جنهن اسڪرين تي ڪنهن کي ڀاڪر پاتو (گلي لڳايو) هجي. هن ٻڌايو ته هاڻي مان ان معاملي ۾ وڌيڪ احتياط ڪنديس، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان ناظرين (ڏسندڙن) لاءِ ڊراما ٺاهيون ٿا ۽ کين اهو پسند ناهي، ته پوءِ اسان ائين نه ڪنداسين، پر مهرباني ڪري مون کي بندوق جي نوڪ تي نه رکو. آن لائن نفرت آميز تبصرن تي ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ وقت اهڙو به آيو جو مان رات جو روئيندي سمهندي هئس، پر ڏکي وقت ۾ ساٿي فنڪارن ۽ دوستن منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو.

تبصرے بند ہیں۔