نوجوان رانديگرن تي غير ضروري دٻاءُ نه وڌو وڃي: مصباح الحق
لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪٽر ۽ اڪيڊمي جي بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مصباح الحق ڪوچز، مينٽرز ۽ والدين کي صلاح ڏني آهي ته هو نوجوان رانديگرن تي ڪاميابيءَ جو غير ضروري دٻاءُ نه وجهن. هن چيو ته رانديگرن کي ذميواري ڏني وڃي پر سندن شوق متاثر نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته صرف ٽيلنٽ ڪافي ناهي، پر ڊسپلن، سخت محنت، فٽنيس ۽ فور-ڊي (4-day) ڪرڪيٽ ئي رانديگر کي ذهني طور مضبوط بڻائي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔