پشاور: ٽانڪ ۾ جنڊوله وانا روڊ تي شهيد مريد اڪبر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي بڪتر بند گاڏي تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سميت 2 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب آءِ ڊي بم ڌماڪو گره حيات جي ڀرسان پوليس اي پي سي تي ڪيو ويو، گاڏي معمول جي گشت تي هئي، سموري ضلعي جي پوليس کي هاءِ الرٽ ڪري سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو، پوليس اختيارين موجب ڌماڪي جي نوعيت ريموٽ ڪنٽرول آءِ ڊي ٿي سگهي ٿي.
پوليس موجب شهيد ٿيندڙن ۾ اي ايس آءِ فريد الله ۽ سپاهي اختر زمان جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪارن ۾ قدرت الله ۽ عبدالمالڪ شامل آهن، شهيد ۽ زخمي اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڊيره اسماعيل خان منتقل ڪيو ويو.
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ٽانڪ جنڊوله روڊ تي پوليس تي حملي جي مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن مبينه طور تي آءِ اي ڊي حملي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن کي ملڪ جو فخر قرار ڏيندي شهيدن جي وارثن ۽ ساٿين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. گورنر واقعي ۾ زخمي اهلڪارن کي هر ممڪن طبي امداد يقيني بنائڻ جي هدايت سان گڏ انهن جي جلد مڪمل صحتيابي جي دعا پڻ ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔