ڪوئٽه: بلوچستان ۾ فورسز جو گڏيل آپريشن شعبان جاري آهي جنهن ۾ وڌيڪ 5 خوارجي مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن شعبان ۾ فتنته الخوارج جي خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز طرفان خارجين کي هوائي ۽ زميني ڪاررواين جو نشانو بنايو پيو وڃي.
تازين ڪارروائين جي دوران وڌيڪ 5 خارجي مارجي ويا آهن جنهن کان پوءِ آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو گڏيل انگ 76 ٿي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب 5 جولاءِ کان هينئر تائين آپريشن شعبان ۽ ٻئي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ گڏيل طور تي 114 خوارجي مارجي ويا آهن. سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.
هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ فتنته الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن شعبان تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ 5 وڌيڪ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي فورسز کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير دهشتگردن جي خلاف موثر زميني ۽ فضائي ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي.
هن چيو ته ملڪ مان فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، بلوچستان جو امن تباهه ڪندڙ عبرت جو نشان بڻجي رهيا آهن. سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي. محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آپريشن شعبان ۽ ٻئي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ هينئر تائين 114 خوارجي دهشتگردن جو مارجي وڃڻ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان جي فورسز انتهائي متحرڪ، پروفيشنل ۽ الرٽ آهي، بلوچستان جي ڌرتي تي رت وهائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.
تبصرے بند ہیں۔