اسلام آباد: پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڊوگره راج جي خلاف جدوجهد جي نشاني يوم شهداءِ ڪشمير اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.
تفصيل موجب 13 جولاءِ 1931ع ڪشمير جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم ۽ فيصله ڪن ڏهاڙو سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ڊوگره حڪومت جي فورسز سري نگر سينٽرل جيل جي ٻاهران هٿين خالي ڪشميري مظاهرين تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڪشميري مسلمان شهيد ۽ درجنين زخمي ٿي پيا هئا.
اهي مظاهرين ڪشميري اڳواڻ عبدالقدير خان جي عدالتي پيشي جي موقعي تي جيل جي ٻاهر جمع هئا، نماز جو وقت هجڻ تي هڪ نوجوان اذان ڏيڻ شروع ڪئي، پر ڊوگره فورسز انهي کي گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو. انهي کان پوءِ ٻيو نوجوان اڳيان وڌيو ۽ اذان مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو به گولي جو نشانو بڻاجي ويو.
اهڙي طرح هڪ کان پوءِ ٻيو نوجوان اذان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اڳيان وڌندو رهيو ۽ فائرنگ جو نشانو بڻجندو رهيو جنهن کان پوءِ فورسز ميڙ تي انڌاڌنڌ گوليون وسائڻ شروع ڪري ڇڏيون. اهو سانحو ڪشمير جي سياسي جدوجهد م هڪ سنگ ميل تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪشميري عوام ۾ سياسي شعور ۽ آزادي جي لاءِ منظم تحريڪ کي نئين هٿي ڏني.
ڪشمير جي شهيدن جون قبرون اڄ به سري نگر ۾ خواجه نقشبندي جي مزار جي احاطي ۾ موجود آهن جتي هر سال ماڻهو انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ حاضري ڏيندا آهن.
صدر آصف علي زرداري يوم شهداءِ ڪشمير تي 22 شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون تاريخ جو روشن باب آهن. پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خود اراديت جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. آصف علي زرداري مطالبو ڪيو ته ڀارت والاريل جمون، ڪشمير ۾ ظلم، جبر فوري بند ڪري، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون فوري طور تي روڪيون وڃن، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ فوجي محاصرو ختم ڪيو وڃي، ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بند ڪري.
وزيراعظم شهباز شريف يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي سري نگر ۾ ڊوگره حڪومت جي فائرنگ سبب شهيد ٿيل 22 ڪشميرين جي قرباني جمون، ڪشمير جي عوام جي سياسي بيداري، وقار، بنيادي حقوق ۽ سڃاڻپ جي جدوجهد ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿي.
وزيراعظم چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير ڪشميري عوام جي عزم، جرئت ۽ ثابت قدمي جي نشاني آهي جنهن نسل در نسل پنهنجي ناقابل تنسيخ حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون هيون. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ جمون، ڪشمير ۾ شديد عسڪري موجودگي، سياسي جبر، من مانيون گرفتاريون، اظهار راءِ ۽ ميڊيا تي پابنديون، وڌندڙ آبادي ۽ سياسي چانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ختم نٿا ٿي سگهن.
وزيراعظم چيو ته اهڙن قدمن جي عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ادارن به نشاندهي ۽ مذمت ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف سميت ٻين سياسي اڳواڻن به 22 ڪشميري شهيدن کي سلام پيش ڪندي پنهنجا پيغام جاري ڪيا.
تبصرے بند ہیں۔