ڪراچي: ڪلفٽن ۾ بينڪ جي ٻاهران 25 لک روپين جي ڦر، فائرنگ سبب نوجوان ڊاڪٽر مارجي ويو

ڪراچي:  ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ بينڪ جي ٻاهران ڦورن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو جڏهن ته جوابدار بينڪ مان ڪڍرايل 50 لک روپين مان 25 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

سينئر سپرنٽينڊنٽ پوليس(ايس ايس پي) سائوٿ مهزور علي ٻڌايو ته آڪاش نالي نوجوان، انهي جو والد ۽ ساٿي تين تلوار جي  ڀرسان نجي بينڪ مان 50 لک روپيه ڪڍرايا هئا، شهري اها رقم جمع ڪرائڻ جي لاءِ بوٽ بيسن جي بينڪ ٻاهر پهتا ته جوابدارن ڪار تي حملو ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب انهي دوران بينڪ جي گارڊ فائرنگ ڪئي ته جوابدارن به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان آڪاش مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار 25 لک روپين تي ٻڌل رقم جو هڪ ٿيلهو ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پوليس موجب فائرنگ سبب مارجي ويل نوجوان آڪاش ڊاڪٽر هو، 28 ورهين جو آڪاش والد سان گڏ بينڪ مان رقم ڪڍرائڻ لاءِ نڪتو ، فائرنگ ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ترجمان انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ سيد سعد علي موجب آءِ جي سنڌ واقعي جي شفاف، غير جانبدارانه ۽ جامع جاچ ڪرڻ، قتل جا سبب طئي ڪرڻ ۽ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

تبصرے بند ہیں۔