ڪراچي: صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پوليس جي سيڪيورٽي ونگ ۾ مبينه ڪرپشن ۽ غيرقانوني مقررين جي خلاف اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.
عدالت ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کان 23 جولاءِ تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، اها شڪايت غلام اڪبر جتوئي ايڊووڪيٽ طرفان سڌو سنئون عدالت ۾ داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود ميمڻ، ايس پي سيڪيورٽي ون محمود راجپوت سميت ٻين آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
شڪايت موجب تقريبن 100 پوليس اهلڪارن کي بااثر شخصيتن، بلڊرز ۽ ٻين اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي سيڪيورٽي تي غيرقانوني طور تي مقرر ڪيو ويو آهي. وڌيڪ الزام لڳايو ويو آهي ته اهڙين مقررين جي عيوض هر اهلڪار کان 25 هزار کان هڪ لک روپين تائين مبينه طور تي وصول ڪيا پيا وڃن.
درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪجهه پوليس اهلڪارن کي 25 کان 30 هزار روپيه ماهوار ڏئي سرڪاري ڊيوٽي تان غير حاضر رکيو ويندو آهي جڏهن ته سرڪاري رڪارڊ ۾ انهن کي لاڳيتو ڊيوٽي تي ظاهر ڪيو ويندو آهي. شڪايت ڪندڙ موجب ايس پي سيڪيورٽي محمود راجپوت ۽ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود ميمڻ مبينه طور تي اهڙين مقررين جي نگراني ڪري رهيا آهن.
تبصرے بند ہیں۔