اسلام آباد: پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي صبر جو مظاهرو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ فوري قدم کڻن.
پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان خطي جي سمورن پاڙيسري ملڪن جي خودمختاري، علاقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جو ارادو ڪري ٿو. پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سموريون ڌريون صبر جو مظاهرو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ فوري قدم کڻن.
پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڌريون اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي تحت پنهنجن واعدن جي پاسداري ڪن، پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان ڳالهيون، سفارتڪاري جي ذريعي خطي ۾ دير تائين امن، استحڪام جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي. ياد رهي ته آمريڪي فوج ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ(سينٽڪام) بيان جاري ڪندي چيو آهي ته آمريڪي فوج ايران جي خلاف وڌيڪ حملن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سينٽڪام موجب اهڙن حملن جو مقصد آبنائي هرمز مان گذرندڙ شهري بحري جهازن ۽ واپاري جهازن تي حملا ڪرڻ جي ايران جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.
تبصرے بند ہیں۔