بائيڪ هلائيندي آهيان ته ڇوڪرا ڪڍ پئجي ويندا آهن: ثنا نواز

ڪراچي: پاڪستاني اداڪارا ثنا نواز چيو آهي ته هن کي موٽرسائيڪل هلائڻ جو گھڻو شوق آهي پر جڏهن هوءَ هيوي بائيڪ هلائيندي آهي ته ڇوڪرا هن جي ڪڍ پئجي ويندا آهن.اداڪارا ثنا نواز تازو ئي خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن فلمن، ڊرامن ۽ پنهنجي هيوي بائيڪ جي شوق بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي

سندس چوڻ هوته کيس هيوي بائيڪ هلائڻ جو گھڻو شوق آهي، ان دوران ڪيترائي ڀيرا ڪري به پئي آهي. ثنا نواز چيو ته هن وٽ فيٽ بواءِ هيوي بائيڪ آهي جيڪا تقريبن 50 لک رپين جي آهي

هيوي بائيڪ هلائڻ دوران مزاحيا واقعو ٻڌائيندي اداڪارا چيو ته هڪ ڏينهن سندس بائيڪ جي پٺيان ٻه ڪتا لڳا هئا. هن چيو ته ڊفينس فيز 8 ۾ بائيڪ هلائي رهي هيس، ان دوران ٻه ڪتا منهنجي ڪڍ پئجي ويا ۽ کڏ ۾ ڪرندي ڪرندي بچي ويس

اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن آئون بائيڪ هلائيندي آهيان ته گھڻو ڪري منهنجي گاڏي پٺيان هوندي آهي، ان جو سبب اهو اهي جو ڇوڪرا ڪڍ لڳي پوندا آهن. ثنا نواز جو چوڻ هو ته بائيڪ هلائيندي جڏهن منهنجي ڪڍ ڇوڪرا پئجي وڃن ته سوچيو ته عام ڇوڪرين سان ڇا ٿيندو هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔