اسرائيل غزا جي هزارين فلسطينين جون نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون

تل ابيب : اسرائيل غزا جي هزارين فلسطينين جي نوڪرين جي پرمٽ رد ڪري ڇڏي.
اسرائيلي ميڊيا موجب روز 18 هزار فلسطيني غزا مان نوڪري ڪرڻ اسرائيل ايندا هئا، 7 آڪٽوبر جي حملن کان پوءِ اسرائيل ۾ موجود غزا جي 3 هزار پورهيت فلسطينين کي حراست ۾ ورتو ويو.
پر انهن مان ڪيترن کي آزاد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي پر فلسطينين جي موبائيل، رقم ۽ ٻيون شيون اسرائيلي اختيارين واپس نه ڪيون.
هاڻي غزا جي فلسطينين جي نوڪرين جي پرمٽ رد ڪئي وئي آهي ۽ غزا جي اختيارين سان مڪمل طور تي رابطا به ختم ڪري ڇڏيا.
واضح رهي ته غزا ۾ اسرائيلي بربريت جاري آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سبب وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 9227 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔