پاڪ فوج جي واکاڻ، پيپلزپارٽي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي: آصف/بلاول

بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ايئرفورس بيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي جوانن جي واکاڻ ڪئي آهي

بلاول پنهنجي بيان ۾ چيو ته رهجي ويل دهشتگرد پنهنجن ڪڌن ارادن سان قوم جا حوصلا ٽوڙي نه ٿا سگهن، پيپلزپارٽي هر دور ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي

هن چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ ملڪ مان انتهاپسندي، نفرت ۽ تقسيم جي آئيڊيالاجي ختم ڪرڻي پوندي

آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن پنهنجي جان تي کيڏي دهشتگردن جو منصوبو ناڪام بڻايو، عوام دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي

پيپلزپارٽي جي وفاق کي جوڙڻ ۽ انتهاپسندي جي خاتمي واري سوچ دهشتگردن خلاف هڪ اثرائتو بيانيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔