دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن، سندن مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين: عارف علوي

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي گوادر ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت سان گڏوگڏ ميانوالي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

صدر عارف علوي گوادر حملي ۾ ٿيندڙ قيمتي جاني نقصان تي سخت ڏک جو اظهار ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ڇڏيو آهي.

صدر عارف علوي شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي سندن مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان علاوه صدر عارف علوي ميانوالي ۾ ٽريننگ ايئربيس جي مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بنائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

صدر چيو ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن حملو ڪيو هو جنهن دوران 14 جوان شهيد ٿي ويا هئا جڏهن ته اڄ صبح ميانوالي ۾ پاڪ فضائيه جي ايئربيس ٽريننگ سينٽر تي به دهشتگردن طرفان حملو ڪيو ويو جنهن کي فورسز ناڪام بنائيندي سمورن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔