ترقيءَ جو سفر جتان رڪجي ويو هو اتان ئي شروع ڪنداسين: نواز شريف

لاهور: نون ليگ جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي ته ترقيءَ جو سفر جتان رڪجي ويو هو اتان ئي شروع ڪنداسين، پاڪستان کي ايشيائي ٽائيگر بڻائينداسين

نوازشريف وطن واپسيءَ کانپوءِ پهريون ڀيرو ماڊل ٽائون ۾ پنهنجي پارٽي سيڪريٽريٽ پهتو، نون ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سندس آجيان ڪئي

نوازشريف سان اڳواڻن جي گڏجاڻي دوران پارٽيءَ جي مستقبل ۽ سياسي سرگرمين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

نوازشريف پارٽي اڳواڻن کي اليڪشن جون تياريون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيون

 گڏجاڻي بعد خواجا آصف چيو ته نواز شريف ايندڙ چونڊون ضرور وڙهندو، ليول پليئنگ فيلڊ سڀني جي لاءِ آهي، ڪنهن جي لاءِ به ڪا کڏ نه کوٽي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔