عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي:آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي بعد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ڇڏيو

آصف علي زرداري چيو ته  مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد جي ڪاميابي ڪراچي واسين جو مخالفن لاءِ خاص پيغام آهي، 8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو زرداري جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو

آصف زرداري ننڍي مڪاني چونڊ ۾ پيپلزپارٽي کي کٽرائڻ تي سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃيا

پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو هر ڪارڪن شهيد بينظير ڀٽو جو سفير بڻجي چونڊ مهم شروع ڪري، عام چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔