براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

گڏيل عرب امارتن جي پهرين اڏام اسرائيل پهچي وئي

تل ابيب : گڏيل عرب امارتن جي ڪنهن به ايئر لائن جي پهرين اڏام اسرائيل پهچي وئي. اتحاد ايئر ويز جي اڏام 9607 سومر جي صبح ابوظهبي کان تل ابيب پهتي، ان اڏام ۾ سياحت سان سلهاڙيل اسرائيلي اختياريون سوار هيون. ان کان اڳ اتحاد جي هڪ خاص ڪارگو اڏام

ايران تي هٿيارن جي وڪري ۽ خريد جي پابندي ختم

تهران : گڏيل قومن طرفان ايران تي هٿيارن جي خريد ۽ وڪري تي لاڳو پابندي جو مدو ختم ٿي ويو. ايران ان کي آمريڪا خلاف پنهنجي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. 2015 ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت گڏيل قومن ايران تي هٿيارن جي خريد ۽

ڊونلڊ ٽرمپ خلاف هزارين عورتن جو احتجاج

واشنگٽن : آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف عورتون روڊن تي نڪري آيون. ”عورت مارچ“ ۾ عورتن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، اهو احتجاج ڊونلڊ ٽرمپ طرفان قدامت پسند ايمي ڪوني بيرٽ کي سپريم ڪورٽ جج نامزد ڪرڻ خلاف هو. آمريڪي صدر بيرٽ کي

آذربائيجان ۽ آرمينيا ۾ انساني بنيادن تي نئين جنگبندي

باڪو : آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ انساني بنيادن تي نئون سيز فائر معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ان معاهدي جو اعلان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن طرفان جاري ڪيل هڪ گڏيل بيان ذريعي ڪيو ويو. روس ۽ فرانس جي ڪوششن سان طئي ٿيندڙ فائربندي جي نئين معاهدي تي

تشدد افغانستان ۾ امن نه آڻيندو؛ عبدالله عبدالله

ڪابل؛ افغان نيشنل مصالحتي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله عبدالله ، افغانين جي وچ ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تشدد ملڪ ۾ امن نه آڻيندو. ڪابل ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن طالبان امن جو آخري منطقي رستو قبول نه ڪندا ، اسان

اڻڄاتل هٿياربندن جو نيٽو ڪنٽينرن تي حملو، باهه

خيبر : خيبر پختونخواهه جي قبيلائي ضلعي خيبر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن افغانستان ۾ نيٽو فوج لاءِ سپلاءِ کڻي ويندڙ گاڏين تي حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ کانپوءِ ٻن ڪنٽينرن کي باهه ڏئي ڇڏي. اطلاع ملندي ئي پوليس، ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جون

دنيا ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 4 هزار 463 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي : دنيا ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 4 هزار 463 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 3 لک 22 هزار 253 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 3 ڪروڙ 90 لک 81 هزار ٿي ويو، ڀارت ۾833ڪورونا متاثر حياتيون وڃائي ويٺا، آمريڪا ۾ 791، ميڪسيڪو ۾ هڪ 478،

ترڪ صدر طيب اردوان آذربائيجان ۽ آرمينيا جو تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا

انقره: ترڪي جي صدر طيب اردوان آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تڪرار جو مستقل حل ڪڍڻ جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.ترڪ ايوان صدر موجب روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ٽيليفون تي رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن علاقائي مسئلن ۽ خاص طور تي آذربائيجان ۽

ڪورونا جي ٻي لهر، فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪرفيو

;پئرس فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ڪورونا وائرس جي ٻر لهر کان بچڻ لاءِ پئرس، مارسي ۽ 7 ٻين شهرت ۾ رات جي ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو. فرانسيسي حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان هيلٿ ايمرجنسي ٻيهر بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. فرانس ۾ اهو ڪرفيو ڇنڇر

ڪرغستان جي صدر اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

بشڪيڪ: وچ ايشيا جي ملڪ ڪرغستان جي صدر سورونبائي جين بي ڪوف اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۽ حڪومت مخالف مظاهرن کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي . پرڏيهي ميڊيا موجب صدر بي ڪوف استعيفيٰ ڏيندي چيو ته هو سڪيورٽي فورسز ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ جهيڙي ۽ خونريزي