دنيا ۾ ڪورونا هيل تائين 17 لک 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

ڪراچي : دنيا ۾ قاتل وائرس ڪورونا هيل تائين 17 لک 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، متاثرن جو انگ 7 ڪروڙ 82 لک کان وڌي ويو. امريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 2 هزار 703 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 3 لک 30 هزار 65 ٿي ويو آهي. برازيل ۾ وڌيڪ 937 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ هڪ لک 88 هزار 259 ٿي ويو.  ڀارت ۾ به وڌيڪ 331 ۽ ميڪسيڪو ۾ 396 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي ويا آهن.  دنيا ۾ ڪورونا سبب هيل تائين 17 لک 21 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته متاثرن جو انگ 7 ڪروڙ 82 لک کان وڌي ويو آهي. دنيا ۾ 5 ڪروڙ  50 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔