پاڪستاني اداڪاره ميرا جو موبائل فون گم، ڳوليندڙ کي پنج لک روپيه انعام جو اعلان

لاهور: مختلف سببن جي آڌار تي خبرن جي زينت بنجندڙ اداڪاره ميرا جو موبائل فون گم ٿي ويو آهي.سوشل ميڊيا تي اداڪاره ميرا جي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن پنهنجو موبائل فون ڳوليندڙ جي لاءِ انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي.وڊيو ۾ اداڪاره ميرا هڪ گاڏي ۾ ويٺل هوندي آهي ۽ چوي ٿي ته منهنجو آءِ فون گم ٿي ويو آهي جيڪڏهن ڪنهن کي به منهنجو فون ملي ته مان ان کي 5 لک روپيه روڪ انعام ڏيندس.ميرا پنهنجي ان وڊيو ۾ خوش نظر اچي رهي آهي ۽ ان کي ڏسڻ کان پوءِ ائين ناهي لڳي رهيو ته واقعي هو پنهنجو فون جي گم ٿي وڃڻ سبب پريشان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔