ڪورونا وائرس ماهرا خان کي مداحن جي ويجهو آڻي ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان مداحن لاءِ محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو آهي.
ماهرا خان اڄڪلهه ڪورونا وائرس سان وڙهي رهي آهي، جنهن گذريل ڏينهن پنهنجي 36هين جنم ڏينهن جي موقعي تي مداحن لاءِ خاص پيغام جاري ڪيو.
انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي ماهرا خان لکيو مان ڪوشش ڪنديس ته سالگرهه تي وصول ٿيندڙ محبت ڀريل پيغامن، اي ميلز ۽ ويڊيوز جو جواب ڏئي سگهان.
هن چيو ته الحمدالله منهنجي طبعيت هاڻ بهتر آهي ۽ صحتياب ٿي رهي آهيان، اهو توهان سڀني جي دعائن جو نتيجو آهي ته منهنجي دل ۾ هاڻ ڪورونا جي حوالي سان ڪو شڪ ناهي.
اداڪارا موجب مان ان دوران توهان سڀني جو پيار محسوس ڪيو، مان به توهان سان ڏاڍو پيار ڪيان ٿي.
واضح رهي ته ماهرا خان ڪجهه ڏينهن اڳ مداحن کي پنهنجي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ جو ٻڌايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔